قاضي واجد

قاضي واجد

قاضي واجد

قاضي واجد (اداڪار): ريڊيو ۽ ٽي. وي جو مشھور اداڪار قاضي عبدالواجد انصاري 26 مئي 1930ع تي هندستان جي علائقي گواليار ۾ ڄائو، ورهاڱي بعد سندس خاندان لڏي اچي ڪراچي شھر ۾ رهيو. هن مئٽرڪ تائين تعليم مسلم هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي، جنھن کان پوءِ هن کي اداڪاريءَ جو شوق جاڳيو، جنھن سبب وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. هن پنھنجي شوق جي تڪميل لاءِ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪافي عرصو گذاريو ۽ اتان پھريون پروگرام ٻارن لاءِ ’نونهال‘ نالي سان ڪيو. ان کان پوءِ پروگرام ’قاضي جي ڪي قاعدي‘ ۾ هن صداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. ٻنهي پروگرامن ۾ لڳاتار ڏهن سالن تائين ڪم ڪيو. بعد ۾ ڪجهه عرصو آغا ناصر جي پروگرام ’قاضي جي وغيره وغيره‘ ۾ ڪم ڪيائين، ان کان پوءِ اسٽيج ڊرامن ۾ حصو وٺڻ لڳو ۽ ڪيترائي اسٽيج ڊراما ڪيائين. سندس پھريون اسٽيج ڊرامو خواجه معين الدين جو لکيل ’مرزا غالب بندر روڊ پر‘ هو، جيڪو ان وقت تمام گهڻو مشھور ٿيو، ان کان پوءِ پاڻ پاڪستان ٽيليويزن جي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. پاڪستان ٽيليويزن تي سندس پھريون ڊرامو ’ايڪ راستا‘ جي نالي سان نشر ٿيو، سندس مشھور ڊرامن ۾: (1) ’خدا ڪي بستي‘، (2) ’ڪرن ڪھاني‘، (3) ’زير زبر پيش‘، (4) ’ان ڪھي‘، (5) ’سلور جوبلي‘، (6) ’رومي راجو‘، (7) ’چنگيز خان‘، (8) ’افشان‘، (9) ’آفس آفس‘ وغيره شامل آهن. هن کي ڊرامن ۾ بھترين اداڪاري ڪرڻ جا ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا ۽ هن جي اداڪاري کي هندستان توڙي ٻين ملڪن ۾ به ساراهيو ويو. هن ڊرامن کان سواءِ فلمن ۾ به پنھنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. جن ۾ ’بيداري‘، ’واهه ري زمانا‘، ’بادل اور بجلي‘ قابل ذڪر آهن. 11 فيبروري 2018ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.05.26  عيسوي

ريڊيو ۽ ٽي. وي جو مشھور اداڪار قاضي عبدالواجد انصاري 26 مئي 1930ع تي هندستان جي علائقي گواليار ۾ ڄائو.


2018.02.11  عيسوي

قاضي واجد 11 فيبروري 2018ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بختيار چنا
راڻي ڪرنا
شاهه حسين بخاري جو مقبرو
ابڙو ڊاڪٽر عبدالحي
حسرت موهاني مولانا
شهناز انصاري
عبدالغفور انصاري
رتناگر شيرين
تاج محمد مشتاق
بهار علي بهار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون